ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ جاري: محمد رضوان جو پهرين نمبر تي قبضو برقرار

دبئي: انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪونسل (آءِ سي سي) ٽي ٽوئنٽي پليئرز جي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي

آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل رينڪنگ موجب پاڪستان جي محمد رضوان جي ٽي ٽوئنٽي بيٽرز ۾ پهرين پوزيشن برقرار آهي ۽ رضوان جون رينڪنگ پوائنٽس 853 مان وڌي 861 ٿي ويون

آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ ڀارت جو سوريا ڪمار ياديو ٻئي نمبر تي برقرار آهي جڏهن ته پاڪستان جو ڪپتان بابراعظم ٽئين نمبر تي موجود آهي

ٽي ٽوئنٽي بالرن ۾ آسٽريليا جو جوش هيزل ووڊ جي پهرين پوزيشن ۽ افغانستان جي راشد خان جو ٻيو نمبر برقرار آهي. سريلنڪا جو وانندو هسارنگا ٽئين نمبر تي اچي ويو آهي ۽ ڏکڻ آفريڪا جو تبريز شمسي چوٿين نمبر تي هليو ويو جڏهن ته رينڪنگ ۾ هارث رئوف جو 14 ۽ شاداب خان جو 15 هون نمبر آهي

آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي آل رائونڊرز جي رينڪنگ ۾ شڪيب الحسن پهرين نمبر تي اچي ويو محمد نبي ٻئي نمبر تي آهي