مڪاني چونڊون جلد ڪرائڻ لاءِ گوڙ سمجهه کان ٻاهر آهي: سعيد غني

ڪراچي: صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته مڪاني چونڊون جلد ڪرائڻ وارو گوڙ سمجھه کان ٻاهر آهي، جيسين تائين سمورو عمل مڪمل نه ٿيندو تيستائين ان جو فائدو نه ٿيندو

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران سعيد غني چيو ته چونڊ لاءِ 16 هزار کان وڌيڪ پوليس فورس وڌيڪ گهربل آهي، اسان آئيني طور اليڪشن ڪميشن جي حڪم تي عمل ڪرڻ جا پابند آهيون

هن چيو ته سيڪورٽي ادارا ان بابت ضروري بندوبست ڪندا، پر فورس جي گهٽائي تي ڪجهه ضلعن ۾ اڳ ۽ ڪجهه ۾ پوئي چونڊ ڪرائڻ جي تجويز به ٿي سگهي ٿي