ڪراچي : سنڌ ۾ ٻوڏ جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب بُک ۽ وبائي بيمارين تباهي مچائي ڇڏي، مليريا، گئسٽرو، چمڙي جي بيماري، ڊينگي ۽ بُک وگهي ٻارن سوڌو وڌيڪ 8 ڄڻا فوت ٿي ويا
تنگواڻي ۾ هڪ ئي ڏينهن 3 معصوم ٻارڙا گئسٽرو وگهي حياتي وڃائي ويٺا آھن، فوتين ۾ سرداري جعفري، نياز جعفري ۽ عزيز الله بکراڻي شامل آھي
ٺل ۾ رليف ڪئمپ اندر ترسيل نينگر الاهي بخش ٻرڙو ارڙي وگهي فوت ٿي ويو، گاجي کهاوڙ ۾ علاج ۽ دوا نه ملڻ سبب ٻوڏ متاثر ڳورهاري عورت دم ڏئي ڇڏيو
واهي پانڌي جي ڳوٺ بکر جمالي ۾ مليريا سبب 2 عورتون امت خاتون ۽ ٻُڍي جمالي فوت ٿي ويون، ڪڪڙ ڀرسان رليف ڪئمپ ۾ ترسيل ٻوڏ متاثر نينگر گئسٽرو وگهي فوت ٿي ويو
ڪئمپ ۾ طبي سهولتون نه هجڻ سبب نينگر جي حياتي بچي نه سگهي، گهوٽڪي ۾ نينگر فضل الله کهاوڙ ڊينگي ۾ مبتلا ٿيڻ بعد دم ڏئي ڇڏيو