فٽبال ورلڊ ڪپ جي ٽرافي هڪ ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهچي وئي

لاهور: فٽبال ورلڊ ڪپ جي ٽرافي هڪ ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهچي وئي. فرانسيسي فٽبالر ڪرسٽن ڪريمبيو فٽبال ورلڊ ڪپ ٽرافي سان گڏ علامه اقبال ايئرپورٽ تي پهتو ته پاڪستان ويمن فٽبال ٽيم جي ڪپتان حاجره هن جو استقبال ڪيو

ٽرافي هڪ ڏينهن پاڪستان ۾ رهندي ۽ ان دوران هڪ ايونٽ اسٽيڪ هولڊرز سان گڏ ٿيندي جڏهن ته هڪ پبلڪ ايونٽ ٿيندي جنهن ۾ ڪنسرٽ دوران ٽرافي نمائش لاءِ رکي ويندي ان موقعي تي فرانس جي اڳوني ورلڊ ڪپ ونر فٽبالر ڪرسٽين ڪريمبيو چيو ته مان 2018ع جي ٽرافي ٽوئر جي موقعي تي به پاڪستان آيو هيس