نواز شريف سان ڊيل جون ڳالھيون بي بنياد آھن: ڊي جي آءِ ايس پي آر

راولپنڊي: ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار چيو آهي ته نواز شريف سان ڊيل جون ڳالھيون بي بنياد آھن، شاهديون ڏنيون وڃن ته نواز شريف سان ڊيل ڪير ڪري رهيو آهي ۽ ڊيل جا محرڪ ڪهڙا آهن؟

پريس ڪانفرنس دوران ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو تھ پاڪ فوج نواز شريف جي ڊيل وارين ڳالهين کي ڪوڙ تي ٻڌل افواهه قرار ڏئي ڇڏيو، ڊيل جون ڳالهيون ڪندڙن کان پڇڻ گهرجي ته ثبوت ڪٿي آهن ۽ ڪير ڊيل پيو ڪري؟ سول ملٽري لاڳاپن ۾ ڪوبه مسئلو نه آهي

اسٽيبلشمينٽ کي اِن مسئلي کان ٻاهر رکيو وڃي، هر هر چيو اٿئون ته پاڪ فوج کي اهڙن مامرن کان پري رکيو وڃي، پاڪستان جي ادارن خلاف منظم مهم هلائي پئي وڃي، مهم جو مقصد پاڪ فوج، حڪومت ۽ عوام ۾ ويڇا پيدا ڪرڻ آهي، پاڪ فوج اهڙين سرگرمين کان ڀلي ڀت واقف آهي، ادارن کي بدنام ڪرڻ لاءِ مهم هلائيندڙن کي پهرين جيان ناڪامي ملندي

هڪ سوال جي جواب ۾ پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته معيشت جو هر شيءِ ۾ عمل دخل شامل آهي ۽ معاشي چئلينجز نوان ناهن

پاف فوج جي ترجمان وڌيڪ چيو ته شام ​​جي پروگرامن ۾ چيو ويندو آهي ته اسٽيبلشمينٽ جي ڪري ڇڏيو هو ڪري ڇڏيو، سول ملٽري لاڳاپن ۾ ڪو به مسئلو ناهي، اسٽيبلشمينٽ کي هن مسئلي کان ٻاهر رکو

ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪنهن به هٿياربند گروهه کي قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه هوندي، طاقت جي استعمال جو حق رڳو رياست وٽ آهي، نفرت انگريز مواد ۽ دهشتگردي پکيڙڻ واري بيانيي کي ناڪام بڻايو اٿئون