اسلام آباد: نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن ڪنٽرول ( اين سي او سي ) سياري جي موڪلن جو اعلان ڪاري ڇڏيو آھي، وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ اين سي او سي جو اجلاس، تعليم وارو وفاقي وزير ۽ ٻيا شريڪ ٿيا، اين سي او سي پاران تعليمي ادارن ۾ سياري جون موڪلون 3 جنوري کان ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي
اجلاس ۾ چيو ويو تھ جنوري مھيني ۾ ٿڌ ۾ زبردست واڌ ٿيندي آھي، ٻارن جي والدين کي اپيل آھي تھ ھو پنھنجي ٻارن کي ويڪسينيشن ڪرائن، جيئن ڪورونا جي صورتحال ۾ ڪنھن پيدا ٿيل صورتحال کي منھن ڏئي سگھجي