ٽڪ ٽاڪر عائشا اڪرم روڊ حادثي ۾ زخمي

لاهور: مينار پاڪستان واقعي جي متاثر ٽڪ ٽاڪر عائشا اڪرم موٽر سائيڪل تان ڪِري زخمي ٿي پئي.

لاهور پوليس موجب شاهدرا ٽول پلازه ڀرسان عائشا اڪرم جو موٽر سائيڪل جي ڦيٿي ۾ ڦاسي پيو، جنهن سبب هوءَ توازن برقرار نه رکي سگهي ۽ ڪِري پئي.

پوليس ٻڌايو ته حادثي ۾ عائشا اڪرم جي نڪ جي هڏي ۾ فريڪچر اچي ويو ۽ کيس جسم تي به ڌڪ لڳا.

پوليس موجب عائشا اڪرم کي ڪنهن به نقصان پهچائڻ جي ڪوشش نه ڪئي، هوءَ پنهنجي ڀاءَ سان گڏ موٽر سائيڪل تي بازار وڃي رهي هئي.

واضح رهي ته هلندڙ سال 14 آگسٽ تي مينار پاڪستان تي ٽڪ ٽاڪر عائشا اڪرم کي هجوم هراسان ڪندي سندس ڪپڙا ڦاڙي ڇڏيا هئا.