پيپلز پارٽي جي سڏ تي ملڪ ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاري خلاف مظاهرا

ڪراچي : پيپلز پارٽي جي سڏ تي ملڪ ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاري خلاف مظاهرا، سنڌ جي مختلف شهرن ۾ جيالا رستن تي نڪري آيا، ڪراچي، لاڙڪاڻو، نئون ديرو، رتوديرو، باقراڻي، باڊهه،ڏوڪري، ڪروندي ۽ ٻين علائقن ۾ احتجاجي مظاھرا ڪيا پيا وڃن

 مظاهرن کي خطابن ۾ پ پ اڳواڻن چيو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت جي عوام دشمن پاليسي سبب مهانگائي ۽ بيروزگاري چوٽ چڙهي وئي، عوام ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهي، پر حڪمرانن کي ڪو به احساس ناهي، حڪومت کان مهانگائي ۽ بيروزگاري کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ هنگامي قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي