گڏيل عرب امارات ۾ پھرين جنوري 2022 کان ڇنڇر آچر موڪل ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي: گڏيل عرب امارات جي ميڍيا آفيس سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي ھڪ ٽوئيٽ جاري ڪندي ڄاڻايو ته ملڪ ۾ نئون ويڪينڊ جمعي تي منجھند جو 12 وڳي کان شروع ٿيندو جيڪو آچر تائين جاري رھندو

مقامي اخبار گلف نيوز ۾ تفصيلي ڳالھ ٻولھ ڪندي اختيارين جو چوڻ آهي ته اھڙي اعلان پٽاندر گڏيل عرب امارات دنيا جو واحد ملڪ ھوندو جنھن جي ڪم ڪرڻ جو وقت مختصر ھوندو

ھفتي ۾ ڪم جي شروعات سومر کان شروع ٿي جمعي تي منجھند 12 تائين ختم ٿيندي، ساڍي 7 وڳي صبح کان شام ساڍي ٽين بجي تائين روزانو ساڍا اٺ ڪلاڪ ڪم ڪيو ويندو جڏھن ته جمعي تي صرف ساڍا چار ڪلاڪ ڪم ڪيو ويندو.