سڌ سماءَ جي وفاقي وزير پاران شريف ڪٽنب کي هڪ ڀيرو ٻيهر سسيلين مافيا قرار!

اسلام آباد: سڌ سماءَ جي وفاقي وزير شريف ڪٽنب کي هڪ ڀيرو ٻيهر سسيلين مافيا قرار ڏئي ڇڏيو، فواد چوڌري پنهنجي ٽوئيٽ بيان ۾ چيو آهي ته مريم نواز طرفان عدالت ۾ التوا لاءِ سورهين درخواست داخل ڪئي وئي آهي، ٻئي پاسي عدليه سوڌو ملڪي ادارن خلاف پروپئگنڊا ڪئي پئي وڃي، اهي سڀ سسيلين مافيا نه آهن ته ٻيو ڪير آهن؟.