ڇٽيهه پرڏيهين کي ملڪ ۾ تلور جي شڪار جي اجازت: 14 شڪار ي سنڌ ايندا

ڪراچي: وفاقي حڪومت سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان ۾ 36پرڏيهي شڪارين کي 42 اجازت نامه جاري ڪري ڇڏيا، سنڌ ۾ شڪار جي اجازت وٺندڙ پرڏيهي شڪارين مان اڪثر شڪارين ڏانهن سنڌ سرڪار جا 40 ڪروڙ روپيا رهيل هجڻ باوجود وفاقي سرڪار جي اجازت تي سنڌ سرڪار ڪو به اعتراض نه واريو

ڪيترن ئي شڪاري کي هڪ ئي وقت ٽنهي صوبن ۾ شڪار جي اجازتڏني وئي آهي، شڪاري هڪ کان وڌيڪ ضلعن ۾ به شڪار ڪري سگهندا، سنڌ ۾ 14، بلوچستان ۾ 19پنجاب ۾ 9شڪارين کي اجازت ملي، وفاقي حڪومت طرفان صوبائي حڪومتن کي آگاهي ڏني وئي آهي، سنڌ ۾ 14شڪارين مان رڳو ٻن پرڏيهي شڪارين رقم جمع ڪرائي، بحرين جي بادشاهه حماد بن عيسيٰ بن سلمان الخليفا ڄامشوري ضلعي جي ڄامشوري، ٿاڻي بولاخان، ڪوٽڙي، مانجهند ۽ سيوهڻ تعلقن ۾ شڪار لاءِ رقم جمع ڪرائي ڇڏي

قطر جي بادشاهي خاندان سان تعلق رکندڙ شڪاري ڊاڪٽر فهد بن عبدالرحمان ٿر جي تعلقي ڇاڇري ۽ ڏاهلي ۾ شڪار لاءِ رقم جمع ڪرائي، سنڌ ۾ شڪار ڪرڻ کانپوءِ ٻن سالن دوران مختلف شڪارين ڏانهن سنڌ سرڪار جا رهيل 23لک ڊالر جمع نه ڪرائيندڙ شڪارين کي وفاق ٻيهر ساڳين علائقن ۾ شڪار جي اجازت ڏئي ڇڏي