سول سروسز جي قانون ۾ فيڊريشن جَي آفيسرز جِي بدلي ۽ مقرري هڪطرفي نٿي ڪري سگهجي: وڏو وزير

آفيسرز جي بدلين ۽ مقررين جي معاملي تي وڏي وزير طرفان وفاقي حڪومت تي ڇتي تنقيد ڪئي وئي آھي، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سول سروسز جي قانون ۾ فيڊريشن جَي آفيسرز جِي بدلي ۽ مقرري هڪطرفي نٿي ڪري سگهجي، صوبائي حڪومت جي منظوري لازمي آهي

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي وڏي وزير مراد علي شاھ چيو تھ بي عقل ماڻهو فيڊريشن جي آفيسرز کي پنهنجي جاگير سمجهن ٿا، آفيسرز جي بدلين ۽ مقررين بابت وفاقي پروپوزل جو جواب ڏئي ڇڏيو آهي، مون ڪابه منظوري ناهي ڏني، سڀاڻي ڪابينا ميمبرز کي اعتماد ۾ وٺندس

وڏي وزير چيو تھ ڪوبه صحيح ڪم ڪري ته اُن کي بدلي ڪيو وڃي ٿو ته جيئن سنڌ حڪومت ڪمزور ٿئي، آدم شماري فائينل نه آهي، نوٽيفڪيشن کي پارليامينٽ ۾ چئلينج ڪيو اٿئون، وفاقي حڪمرانن ڦاسي پون ته ٻين کي گهرائين ٿا، هاڻي به ڪالز ڪيون وڃن ٿيون ته مون کي بچايو، آئون ٻڏي ويس ته توهان کي به ٻوڙيندس