سنڌ حڪومت ڪورونا سبب لاڳو پابندين ۾ وڌيڪ نرمي ڪري ڇڏي

ڪراچي: سنڌ حڪومت ڪورونا سبب لاڳو پابندين ۾ وڌيڪ نرمي ڪري ڇڏي آهي. صوبائي گهرو کاتي پاران نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي جيڪو 30 نومبر تائين لاڳو رهندو

نوٽيفڪيشن موجب سڄي سنڌ ۾ انڊور ايونٽس ۾ 500 ماڻهن کي شرڪت جي اجازت هوندي ۽ آئوٽ ڊور ايونٽس ۾ 1000 ماڻهو حصو وٺي سگهندا، جڏهن ته انڊور ۽ آئوٽ ڊور ايونٽس ۾ صرف ويڪسينيشن وارا ئي حصو وٺندا. نوٽيفڪيشن موجب صوبي ۾ هفتي ۾ 7 ڏينهن ڪاروبار کليل رهندو پر مارڪيٽون ۽ بازارون رات 10 وڳي تائين کليل رهنديون