اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جو نواز شريف مريم نواز بابت خبر تي ردعمل سامھون اچي ويو

ڪراچي: اڳوڻي چيف جسٽس پاڪستان جسٽس (ر) ثاقب نٿار نواز شريف ۽ مريم نواز جي ڪيس بابت گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جسٽس جي خبر بابت پنھنجو رد عمل ڏنو آھي،

اڳوڻي چيف جسٽس پنھنجي رد عمل ۾ چيو تھ مون بابت رپورٽ ٿيل خبر حقيقتن جي ابتڙ آھي، اڳوڻي چيف جسٽس گلگت بلتستان رانا شميم جي ڪوڙ بابت ڪھڙو جواب ڏيان

ثاقب نثار چيو تھ رانا شميم بطور چيف جسٽس گلگت بلتستان ايڪسٽينشن گھري ھئي، جيڪا منظور نھ ڪئي ۽ ھڪ ڀيرو رانا شميم مون کي ايڪسٽينشن نھ ڏيڻ جي شڪايت بھ ڪئي ھئي، ھن جو چوڻ ھو تھ ھڪ ڪوڙي ۽ من گھڙت ڳالھ  جو رد عمل ڏيڻ دانشمندي ناھي