آصف زرداري خلاف پنجويهه سال پراڻي ڪيس ۾ نيب اپيلون ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد:: اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي خلاف 25 سال پراڻي ڪيس ۾ نيب اپيلون اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪيون ويون آهن.
رپورٽ موجب اڳوڻي صدر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي خلاف 25 سال پراڻيون نيب اپيلون ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪيون ويون آهن. آصف زرداري جي خلاف آرسز ٽريڪٽر ۽ اي آر وائي گولڊ ريفرنسز ۾ نيب اپيلون اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سومر جي ڏينهن ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪيون آهن.
اپيلن تي ٻڌڻي چيف جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس عامر فاروق تي ٻڌل بينچ ڪندو. آصف زرداري تي اي آر وائي گولڊ ريفرنس ۾ 10 ملين ڊالر رشوت جو الزام هو. آرسز ٽريڪٽر ريفرنس ۾ ٽريڪٽر اسڪيم ۾ سندس مٿان ڪرپشن جو الزام هو. احتساب عدالت اڳوڻي صدر کي ٻنهي ڪيسن ۾ بري ڪيو هو.
نيب آصف زرداري جي بريت کي چيلنج ڪري رکيو آهي. نيب 2014 ۾ آصف زرداري جي بريت کي چيلنج ڪيو ۽ اڄ تائين اڳوڻي صدر کي نوٽس نه ٿي سگهيو. گذريل ٻڌڻي تي نيب نئين پراسيڪيوٽر جي مقرري تائين ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي استدعا ڪئي هئي.