اسلام آباد: نيب مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف ۽ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جا نالا اِي سِي ايل ۾ وجهڻ جي سفارش ڪري ڇڏي.
سرڪاري ذريعن موجب ڪابينا شهباز شريف ۽ قائم علي شاهه جا نالا اِي سي ايل ۾ وجهڻ جي منظوري ڏيندي.
ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته اڃا تائين گهرو وزارت کي ڪابينا جي سمري ناهي ملي.
ياد رهي ته نون ليگ اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف جو نالو اڳ ئي اِي سي ايل ۾ داخل آهي.