ناظم جوکيو قتل ڪيس: گرفتار وڌيڪ 3 جوابدار جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي

ملير: ملير پوليس ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ گرفتار وڌيڪ ٽن جوابدارن کي عدالت اڳيان پيش ڪري ڇڏيو، گرفتار ٿيل جوابدارن ۾ رزاق، معراج ۽ جمال شامل آھن، ملير جي عدالت کي جاچ آفيسر آگاهي ڏيندي چيو ته گرفتار جوابدارن وڊيو وائرل ٿيڻ بعد ناظم جوکيو کي ڌمڪيون ڏنيون هيون

ڪيس ۾ اغوا جو قلم شامل ڪري وڌيڪ 11 ماڻهن کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي، متاثرن جي وڪيل پرڏيهين کي به ڪيس ۾ نامزد ڪرڻ جي استدعا ڪندي چيو ته پوليس هيل تائين ناظم جوکيو جو موبائيل فون ۽ رت سان رڱيل ڪپڙا هٿ نه ڪيا آهن، ڪيس ۾ شاهديون لڪائڻ جا قلم شامل نه ڪيا ويا، عدالت جوابدارن کي 16 نومبر تائين جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آھي.