واٽس ايپ جي ويب ورجن لاءِ 3 نوان فيچرز متعارف

نيويارڪ: جيڪڏهن اوهان واٽس جي ويب ورجن کي استعمال ڪندا آهيو ته اوهان لاءِ سٺي خبر اها آهي ته ڪمپني ان پليٽ فارم لاءِ ڪجهه نوان فيچرز متعارف ڪرايا آهن.ڪمپني طرفان اعلان ڪيو ويو آهي ته هاڻ واهپيدار واٽس ايپ جي ويب ورجن ۾ به تصويرن کي ايڊٽ ۽ پريويو لنڪس جي سهولت کي استعمال ڪري سگھندا.ان کان سواءِ هڪ نئين اسٽيڪر سجيشن فيچر کي به ويب ورجن جو حصو بڻايو ويو آهي.
ان فيچر ۾ جڏهن واهپيدار هڪ ميسيج ٽائپ ڪندو ته ان جي آڏو اسٽيڪر سجيشن ايندا ۽ هو پنهنجي ڳالهه ٻولهه دوران درست اسٽيڪر کي دريافت ڪري سگھندو.ان کان اڳ اسٽيڪر استعمال ڪندڙ واهپيدارن کي مختلف ٽيبز ۾ وڃي پنهنجي پسند جو اسٽيڪر ڳولڻو پوندو هو جيڪو هڪ ڏکيو عمل آهي.پر ان نئين اپ ڊيٽ سان اهو مسئلو حل ٿي ويندو.ڪمپني موجب ان فيچر کي پرائيويسي کي نظر ۾ رکندي تيار ڪيو ويو آهي ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بڻائي سگھجي ته واٽس ايپ اوهان جي سرچز کي نه ڏسي سگھي.واٽس ايپ ورجن ۾ ميڊيا ايڊيٽر فيچر جي به واڌ ڪئي وئي آهي.
هيل تائين رڳو ايپ جي موبائل ورجن ۾ ئي ڪنهن تصوير کي ايڊٽ ڪري سگھبو هو پر هاڻ ڪمپني ويب ورجن لاءِ به اها سهولت پيش ڪري ڇڏي آهي.يعني ڪو به واهپيدار ڪمپيوٽر تان به تصوير ايڊٽ ڪري ميسيجز موڪلي سگھندو.ڪمپني موجب لنڪس پريويو کي به بهتر ڪيو پيو وڃي ۽ هاڻ ويب ورجن ۾ ڪنهن لنڪ جو مڪمل طور تي پريويو نظڙ ايندو، جنهن سان ان لنڪ جي ٺيڪ هجڻ جي تصديق ٿي سگھندي.