بجلي ۽ پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ باوجود آءِ ايم ايف طرفان پاڪستان کان ڊو مور جو مطالبو

حڪومت بجلي جون قيمتون وڌائي ڇڏيون، پيٽرول اگهن ۾ رڪارڊ اضافو به ڪيو پوءِ به پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهيون ناڪام ٿي ويون، عالمي مالياتي ادارو ۽ پاڪستان اقتصادي ۽ مالياتي پاليسي جي ياداشت تي مفاهمت ۾ ناڪام ٿي ويا
آءِ ايم ايف پاڪستان کان ٻيهر ڊو مور جو مطالبو ڪري ڇڏيو، امريڪا جي دوري تي پهتل شوڪت ترين ۽ گورنر اسٽيٽ بينڪ نيويارڪ پهچي ويا، شوڪت ترين جي ناڻي واري وزير طور مدو ڪالهه ختم ٿي ويو هو.