ملڪ ۾ فوري طور شفاف چونڊون ڪرايون وڃن: شھباز شريف ۽ فصل الرحمان جو مطالبو

پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) ۽ جمعيت علماءِ اسلام جي سربراھھ مولانا فضل الرحمان مسلم ليگ نواز جي صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شھباز شريف سان ملاقات ڪئي مولانا فضل الرحمان لاھور ۾ شھباز شريف جي گھر پھتو جتي ھن شھباز شريف جي عيادت ڪئي ٻنھي اڳواڻن جي ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي ڳالھھ ٻولھھ ڪئي وئي انھيءَ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالھائيندي مخالف ڌر جي اڳواڻ شھباز شريف ملڪ ۾ شفاف چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ھن جو چوڻ ھو تھ سڄي ملڪ ۾ مھانگائي عوام جي چليھھ ڀڃي ڇڏي آھي، اسپتالن ۾ ھنڌ بسترا نٿا ملن پر حڪومت اگھور ننڊ ستي پئي آھي مولانا فضل الرحمان جو چوڻ ھو تھ پي ڊي ايم پنھنجي حدفن جي حصول جي لاءِ سنجيدھ ۽ متحرڪ آھي، اسان کي ملي ڪري اڳيان وڌڻو پوندو، مولانا فضل الرحمان ھڪ دفعو ٻيھر جلسا ڪرڻ جو اعلان ڪيو