نواز ليگ نيب ترميمي آرڊيننس کي رد ڪري ڇڏيو

ڪراچي: نواز ليگ نيب ترميمي آرڊيننس کي رد ڪري ڇڏيو، خواجه آصف چيو آهي ته حڪومت پنهنجا ڀنڊ لِڪائڻ لاءِ آرڊيننس آندو آهي، جيڪو عوام قبول نه ڪندو، موجوده حڪومت ٽن سالن ۾ رڪارڊ ڪرپشن ڪئي آهي، احسن اقبال چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت تاريخ جي ڪرپٽ ٽرين حڪومت آهي، نيب آرڊيننس رڳو ٻن ماڻهن کي نوازڻ لاءِ آندو ويو آهي.

ٻئي پاسي وفاقي وزير اسد عمر چيو آھي تھ نيب آرڊيننس اين آر او ناهي، ترميم ضروري هئي، قومي احتساب بيورو جَي قيام جو مقصد چيڪ اِن بيلنس برقرار رکڻ هو: وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته نيب کي خودمختيار ادارو بڻائڻ اولين ترجيح ۾ شامل آهي.

  • T