ذبيح الله مجاهد جي ماءُ جي فاتحه خواني دوران ڌماڪو، ڪيترائي مارجي ويا

ڪابل : افغان تخت گاهه ڪابل ۾ عيدگاهه مسجد جي دَر تي بم ڌماڪي ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب ڪابل ۾ مسجد جي داخلي دَر تي ڌماڪو ان وقت ٿيو، جڏهن طالبان ترجمان ذبيح الله مجاهد جي ماءُ جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني جاري هئي.
طالبان ترجمان پڻ ڪابل ۾ ڌماڪي ۽ ماڻهو مارجڻ جي تصديق ڪئي آهي پر مارجي ويلن ۽ زخمين جو انگ ناهي ٻڌايو ويو.
ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ ذبيح الله مجاهد چيو ته ڪابل ۾ عيدگاهه مسجد جي دَر تي بم ڌماڪي ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا آهن، ڌماڪو عيدگاهه جامع مسجد جي داخلي دَر ڀرسان هجوم ۾ ٿيو.
هوڏانهن ڪنهن به گروهه اڃا تائين ان ڌماڪي جي ذميواري قبول ناهي ڪئي.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ طالبان ترجمان ذبيح الله مجاهد جي ماءُ لاڏاڻو ڪري وئي هئي.