پاڪستان ۾ ڪرونا وبا سبب وڌيڪ 46 ماڻهو پنهنجي حياتي وڃائي ويٺا

اسلام آباد: ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 46 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 27 هزار 831 ٿي ويو آهي. پاڪستان ۾ ڪورونا جي تصديق ٿيل ڪيسز جو انگ 12 لک 48 هزار 202 ٿي ويو آهي.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ هزار 664 نوان ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. پنجاب ۾ 4 لک 32 هزار 190، سنڌ ۾ 4 لک 58 هزار 697، ڪي پي ڪي ۾ هڪ لک 74 هزار 260، بلوچستان ۾ 32 هزار 943، گلگت بلتستان ۾ 10 هزار 329، اسلام آباد ۾ هڪ لک 5 هزار 590، جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 34 هزار 193 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. سموري ملڪ ۾ هينئر تائين هڪ ڪروڙ 94 لک 86 هزار 951 مريضن جا ٽيسٽ ڪيا ويا.

گذريل 24 ڪلاڪن دوران 51 هزار 796 نوان ٽيسٽ ڪيا ويا. هينئر تائين 11 لک 73 هزار 437 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. جڏهن ته 3 هزار 511 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. پاڪستان ۾ ڪورونا وگهي هڪ ڏينهن دوران 46 مريض حياتيون وڃائي ويٺا جنهن کان پوءِ موذي وائرس وگهي فوت ٿي ويلن جو انگ 27 هزار 831 ٿي ويو آهي. پنجاب ۾ 12 هزار 661، سنڌ ۾ 7 هزار 414، خيبرپختونخواهه ۾ 5 هزار 559، اسلام آباد ۾ 926، بلوچستان۾ 349، گلگت بلتستان ۾ 184 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 738 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن