عمران خان 3 سال عوام جو تيل ڪڍڻ ۾ لڳائي ڇڏيا:بلاول/شھباز/اسفمديار ولي

ڪراچي: اپوزيشن پاران تيل اگھن ۾ واڌ واري فيصلي کي رد ڪيو ويو آھي، بلاول ڀٽو زرداري چيو آھي تھ ملڪ ۾ ڦرلٽ جاري آهي، عمران خان 3 سال عوام جو تيل ڪڍڻ ۾ لڳائي ڇڏيا، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پيٽروليم اگهن ۾ واڌ کي رد ڪندي چيو آهي ته عوام اڳ ئي تاريخي مهانگائي جي باهه ۾ سڙي رهيو آهي، پيٽروليم اگهن ۾ اضافو ٻرندي تي تيل هارڻ برابر آهي، قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر پيٽروليم اگهن ۾ واڌ فوري طور واپس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آھي. شهباز شريف چيو آهي ته تيل جي اگهن ۾ واڌ جو مطلب اٽي، کنڊ ۽ بجلي جي اگهن ۾ اضافو آهي، ظالم حڪمرانن کان مهانگائي جو ظلم ڪرڻ وارو اختيار کسڻو پوندو. اي اين پي سربراهه اسفند يار ولي چيو آهي ته حڪمرانن آءِ ايم ايف جا مطالبا پورا ڪرڻ لاءِ سڄو بار عوام تي رکي ڇڏيو، پيٽرول ۽ ٽئڪسز جي نالي تي عوام کي لُٽيو پيو وڃي، جماعت اسلامي جي امير سراج الحق به پيٽروليم اگهن ۾ واڌ کي عوام سان بدترين ظلم قرار ڏئي ڇڏيو، 31 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ بيروزگار نوجوانن سان گڏ احتجاج جو اعلان ڪيو ويو آھي.