حڪومت جي پرائز بانڊز وٺندڙ لاءِ وڏي سهولت

اسلام آباد: حڪومت پرائز بانڊز ڪيش ڪرائڻ جو مدو وڌائي ڇڏيو آهي ان حوالي سان نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو.
نوٽيفڪيشن موجب 15، 25 ۽ 40 هزار رپين جا پرائز بانڊ ڪيش ڪرائڻ جي مدي ۾ 3 مهينن جي واڌ ڪئي وئي آهي.
ناڻي واري وزارت پرائز بانڊ ڪيش ڪرائڻ جي مدي ۾ 31 ڊسمبر تائين واڌ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي.
ياد رهي ته حڪومت ان کان اڳ پرائز بانڊ ڪيش ڪرائڻ جي آخري تاريخ 30 سيپٽمبر مقرر ڪئي هئي.