لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو وسيم خان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن موجب وسيم خان گذريل ڏينهن پي سي بي چيئرمين رميز راجا کي استعيفيٰ پيش ڪيو. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ به تصديق ڪري ڇڏي آهي ته وسيم خان چيف ايگزيڪيوٽو جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏيو آهي ۽ بورڊ آف گورنرز ان معاملي تي غور ڪندو.
پي سي بي پاران چيف ايگزيڪيوٽو وسيم خان جي استعيفيٰ واري معاملي تي وڊيو لنڪ تي اڄ ٻنپهرن جو اجلاس به طلب ڪري ورتو آهي. رميز راجا پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۾ نئين انتظامي ٽيم آڻيندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته وسيم خان پي سي بي ۾ پنهنجي آفيس ۾ موجود آهي فوري طور تي نئين سي اي او جي مقرري جو امڪان نه آهي.