ڪراچي ۾ مڙس ساٿين سميت زال مٿان تيزاب اڇلائي فرار

ڪراچي: گلستان جوهر ڪامران چورنگي ڀرسان هڪ عورت تي تيزاب اڇلايو ويو. ساره نالي عورت کي فوري طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس موجب تيزاب سبب عورت کي هٿن ۽ چيلهه کي نقصان پهتو آهي. هوڏانهن اسپتال ۾ داخل متاثر عورت ساره چيو ته منھنجو مڙس پنھنجي ساٿين سان گڏ مون تي تيزاب اڇلائي فرار ٿي ويو. هن چيو ته مان ان وقت ڪامران چورنگي تي فليٽن ۾ ڪم ڪرڻ وڃي رھي ھئس، ان دوران منهنجي مڙس مون تي تيزاب اڇلايو ، منهنجي چوڌاري ماڻهن مون تي پاڻي هاريو ۽ مون کي بچايو. هن چيو ته منهنجو مڙس چاهي ٿو ته مان بدپيشو ڪيان، جنهن جي بنياد تي مون عدالت ۾ خلع لاءِ ڪيس داخل ڪيو آهي. منھنجي مڙس ٽي شاديون ڪيون آھن، هو هڪ ڪسٽم آفيسر جو ڊرائيور آهي