گوگل ارٿ تي وڃي لڳايل وڻ ڏسي سگهو ٿا: علي محمد خان جو اپوزيشن کي جواب

اسلام آباد: پارلياماني معاملن واري مملڪتي وزير علي محمد سينيٽ ۾ سوالن جي وقفي دوران اپوزيشن کي صلاح ڏني آهي ته بلين ٽري سونامي تحت لڳايل وڻ گوگل ارٿ تي ڏسي سگهجن ٿا. سينيٽ ۾ هڪ سوال جو لکت ۾ جواب جمع ڪرائيندي چيو ويو ته جون 2021 تائين 1.7 ارب وڻ پوکيا ويا آهن، ٻوٽن جي افزائش جو تناسب 75 کان 90 سيڪڙو تائين رهيو آهي. جواب ۾ چيو ويو ته خيبرپختونخواه ۾ 39 ڪروڙ وڻ پوکيا ويا هئا، پنجاب ۾ 6 ڪروڙ 86 لک، سنڌ ۾ 40 ڪروڙ 83 لک، بلوچستان ۾ 61 لک، آزاد ڪشمير ۾ 11 ڪروڙ، ۽ گلگت بلتس تان ۾ 2 ڪروڙ 23 لک ٻوٽا لڳايا ويا. ان دوران سينيٽر پلوشا خان پڇيو ته ڪي پي ۾ وڻن کي ست سال ٿي ويا آهن، باقي صوبن ۾ به وڻن کي ٻن کان ٽي سال ٿي ويا آهن، ان ڪري وزير ٻڌائي ته ڪهڙي جاءَ تي اهي وڻ آهن ته انهن کي ڏسي اسان خوش ٿيون. ان تي پارلياماني معاملن واري مملڪتي وزير علي محمد خان چيو ته توهان گوگل ارٿ تي وڃي لڳايل وڻ ڏسي سگهون ٿا.