ٽيهه سيپٽمبر کانپوءِ ويڪسين نھ لڳرائيندڙن کي کوڙ ساريون سھولتون نھ ملنديون

اسلام آباد: توانائي واري وفاقي وزير حماد اظھر ڪورونا ويڪسينيشن نھ لڳرائيندڙ شھرين کي سھولتن کان محروم رکڻ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو. ھڪ بيان ۾ حماد اظھر چيو تھ ڪورونا وبا کان بچڻ جي لاءِ ويڪسينيشن لازمي آھي ۽ 30 سيپٽمبر کانپوءِ ويڪسين نھ لڳرائيندڙن کي کوڙ ساريون سھولتن نھ ملنديون. ھن چيو تھ ڪورونا وبا سان مقابلو وڏو صبر آزما تجربو آھي، پاڪستاني عوام جرئت ۽ ديلري سان ڪورونا جو مقابلو ڪيو آھي، اسان کي ھن وبا سان جيئڻ سکڻو آھي ۽ شڪست بھ ڏيڻي آھي. وفاقي وزير اپيل ڪئي آھي تھ عوام ويڪسين جي ٻي ڊوز لڳرائڻ جي لاءِ ڪنھن بھ ميسيج نھ انتظار نھ ڪن.