پاڪستان ۾ نابينن ۽ معذورن لاءِ سمارٽ جوتو تيار

پاڪستان جي هڪ شاگرد نابين، ضعيف ۽ پوڙهن ماڻهن لاءِ سمارٽ جوتو تيار ڪري ورتو.
اهو سمارٽ جوتو رستي ۾ ايندڙ ڪنهن به قسم جي رنڊڪ بابت خبردار ڪري سگھي ٿو ۽ مغذورن کي هنن جي روزمرهه جي زندگي ۾ محفوظ رکي سگھي ٿو.
سوات جي ضلعي مالم جبه سان واسطو رکندڙ شاگرد موجب اهو جوتو 120 سينٽي ميٽرن تائين جي مفاصلي ۾ ڪنهن به قسم جي رنڊڪ بابت استعمال ڪندڙ کي وائبريشن ۽ آواز ذريعي پهريان کان آگاهه ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
هن ٻڌايو ته نابينن لاءِ ان جوتي ۾ ٽرانسميشنز لڳايا ويا آهن ۽ ان جي بيٽري سولر سسٽم سان چارج ڪري سگھجي ٿي.
شاگرد پنهنجي ان نئين سمارٽ جوتي بابت وڌيڪ ٻڌايو ته هن اڳ به مختلف پروجيڪٽس تي ڪيو آهي، پر وسيلن جي کوٽ ۽ حڪومت طرفان سهڪار نه ملڻ سبب هو پنهنجي فيلڊ ۾ ترقي نٿو ڪري سگھي.
شاگرد محفوظ مستقبل لاءِ هاءِ سيڪيورٽي پاور هوم سميت ٻين منصوبن تي ڪم ڪرڻ جي اميد به ظاهر ڪئي.
ان کان سواءِ شاگرد حڪومت ۽ اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته اهي سندس مالي طور مدد ڪن ته جيئن هو پاڪستان جو نالو عالمي سطح تي روشن ڪري سگھي.