مھراڻ يونيورسٽي جي شاگردياڻي پراسرار نموني مبينه طور يونيورسٽي مان گم

ڄامشورو: مھراڻ يونيورسٽي جي شاگردياڻي پراسرار نموني مبينا طور يونيورسٽي مان گم ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، : شاگردياڻي جا والدين ڄامشورو ٿاڻي تي پھچي ويا، هن ٻڌايو ته حيسن آباد حيدرآباد جي رھواسڻ شاگردياڻي مرڪ يونيورسٽي وئي ۽ واپس ناھي ٿي، مرڪ سان گڏ سندس ھڪ دوست انس بـ گم آھي. شاگرد انس ۽ شاگردياڻي مرڪ جا نمبر بند آھن. ايس ايڇ او جو چوڻ هو ته شاگردياڻي مرڪ پنھنجي ڪلاس ميٽ سان گڏ نڪري وئي آهي، مرڪ ۽ انس جي لوڪيشن هن وقت لاهور ۾ ملي رهي آهي، جاچ ۾ معلوم ٿيو آهي ته ٻئي رڪشا ذريعي ريلوي اسٽيشن ويا هئا، انس جي والدين کان خبر ملي آهي ته سندن پٽ دوستن کان پيسا گھريا آهن، پوليس موجب شاگرد ۽ شاگردياڻي پنھنجي مرضي سان نڪتا آهن، گذريل ڏينھن شاگردياڻي جي پيءُ ڄامشوري ٿاڻي تي مرڪ جي گم ٿيڻ بابت رپورٽ داخل ڪرائي هئي.