سپريم ڪورٽ ۾ ججز سينيارٽي جي بنياد تي مقرر ڪيا وڃن: وڪيلن جو گڏيل پڌرنامو

اسلام آباد: وڪيلن جي آل پاڪستان ڪنوينشن بعد گڏيل پڌرنامو جاري ڪندي چيو ويو آهي ته عام تاثر اهو آهي ته عدليه ۾ ڪيترائي ڪيس منصفاڻي ۽ غيرجانبدارانه نموني نه پيا هلايا وڃن. گڏيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ ججن کي سينيارٽي جي بنياد تي مقرر ڪيو وڃي، جوڊيشل ڪميشن جي قاعدن کي آئين ۽ وڪيلن جي مشاورت سان شفاف بڻايو وڃي.عوام جو اعتماد بحال ڪرڻ لاءِ ، ججن جي مقرري ، بينچن جي قيام ۽ ڪيسن جي تقرري ۾ صوابديدي اختيار ختم ڪيا وڃن. گڏيل پڌرنامي ۾ آرٽيڪل 5 ڊي ، جي ترميم جي مذمت ڪندي چيو ويو ته وڪيلن جي تحفظ وارو بل جلد پارليامينٽ مان پاس ڪرايو وڃي، حڪومت فوري طور تي ميڊيا اٿارٽي بل واپس وٺي ۽ پارليامينٽ کي گهرجي ته 17 هزار ملازمن کي گهر ڀيڙو ڪرڻ وارو سپريم ڪورٽ جو فيصلو غير موثر ڪري.