گڏيل مفادن واري ڪائونسل 10 سالن لاءِ بجلي پيداوار ۾ واڌ بابت پلان جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: گڏيل مفادن واري ڪائونسل 10 سالن لاءِ بجلي پيداوار ۾ واڌ بابت پلان جي منظوري ڏئي ڇڏي، وزير اعظم جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه سوڌو چئني صوبن جي وڏن وزيرن ۽ ٻين ميمبرز شرڪت ڪئي. آدمشماري جي نتيجن ۽ پاڻي جي ورڇ سوڌو ٻين اهم مامرن جو جائزو ورتو ويو، توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ته ماضي ۾ اهڙو پلان منظور ٿئي ها ته گردشي قرضن کان بچي وڃون ها، هاڻ ٻولي ذريعي سستا پلانٽس لڳايا ويندا..