مائي بختاور ايئرپورٽ اسلام ڪوٽ فعال ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي: چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز علي شاه جي صدارت ھيٺ اھم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڊي جي سول ايوي ايشن ۽ ڪمشنر ميرپورخاص سميت لاڳاپيل آفيسر شريڪ ٿيا. چيف سيڪريٽري سنڌ چيو ته سنڌ حڪومت اسلام ڪوٽ ۾ بھترين ايئرپورٽ قائم ڪيو آھي، ايم او يو تحت سول ايوي ايشن کي ايئرپورٽ کي فعال رکڻو آھي. اجلاس ۾ ايوي ايشن مائي بختاور ايئرپورٽ فعال ڪرڻ جي يقين ڏياريو. چيف سيڪريٽري چيو ته پاور ڪمپنيون ، ٿر ڪول، پي آئي اي ۽ ڪمشنر ميرپورخاص ملي ڪري فلائيٽ جو شيڊيول تيار ڪن ۽ عوام ۽ پاور ڪمپنين جي سھولت مطابق فلائيٽ شروع ڪن.