مزاحمت يا مفاهمت نه، اسان کي شفاف چونڊون گهرجن:شھباز شريف

ڪراچي: اپوزيشن ليڊر شھباز شريف چيو آھي تھ مزاحمت يا مفاهمت نه، اسان کي شفاف چونڊون گهرجن، 2023ع ۾ شفاف چونڊون ٿين ۽ سمورين پارٽيز کي ليولڊ پليئنگ فيلڊ ملڻ گهرجي، اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پي ٽي آءِ سرڪار تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته موجوده حڪومت چور دروازي کان آئي آهي، ماضي ۾ ڪنهن به پارٽي کي موجوده حڪومت جيتري سپورٽ نه ملي، اُن باوجود نااهل حڪمرانن فائدو نه ورتو. ڪراچي ۾ مزارِ قائد تي حاضري بعد ڳالهه ٻولهه دوران شهباز شريف صحافين سان سنڌي ۾ مخاطب ٿيو ته ٽهڪڙا مچي ويا. پيپلز پارٽي هڪ سياسي جماعت آهي ۽ ملڪ لاءِ اُن قربانيون ڏنيون آهن، اپوزيشن ليڊر جي حيثيت سان پ پ ۽ اي اين پي کي گڏ کڻي هلڻ منهنجي ذميواري آهي، حڪمرانن جو احتساب اسان جو فرض آهي، سليڪٽيڊ وزيراعظم جيڪي واعدا ڪيا، اُن تي تِر جيترو به ڪم نه ڪيو