اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن وزيراعظم عمران کي انٽرا پارٽي چونڊون ڪرائڻ لاءِ ھڪ سال جي لاءِ ڏنل مھلت جي درخوات منظور ڪري ورتي.
ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) کي ايندڙ سال 13 جون تائين انٽرا پارٽي چونڊون ڪرائڻ جي ھدايت ڪري ڇڏي آھي.
ياد رھي تھ تحريڪ انصاف پارٽي آئين تحت انٽرا پارٽي چونڊون ڪرائڻ لاءِ ھر 4 سالن کانپوءِ ڪرائڻ جي پابند آھي.
پي ٽي آءِ جي 2019 جي ترميم شدھ آئين تحت 18 مھينن جي اندر چونڊون ڪرائڻيون ھيون، وزيراعظم عمران خان پارٽي چيئرمين جي حيثيت سان ڪورونا وبا سبب انٽرا پارٽي چونڊون ڪرائڻ جي لاءِ ھڪ سال جي مھلت گھري ھئي