پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو فائيو جي ٽيڪنالوجي جو ڪامياب تجربو

اسلام آباد : گذرندڙ وقت سان گڏوگڏ انٽرنيٽ جي رفتار ۾ تيزي ايندي پئي وڃي ۽ هاڻ دنيا 4 جي کان پوءِ 5 جي تي ڀاڙڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.
دنيا جا ڪيترائي ملڪ فائيو جي استعمال ڪري رهيا آهن ۽ نئين متعارف ٿيندڙ ڊوائيسز ۾ به فائيو جي سپورٽ ڏني پئي وڃي.
انهيءِ سلسلي ۾ پي ٽي سي ايل گروپ به فائيو جي ٽيڪنالوجي محدود ماحول ۾ ڪامياب تجربو ڪيو آهي.
پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو پي ٽِ سي ايل گروپ فائيو جي ٽيڪنالوجي جو محدود ماحول ۾ ڪامياب تجربو ڪيو، ۽ پهريون ڀيرو رموٽ سرجري جو عملي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي آءِ ٽي بابت وفاقي وزير سيد امين الحق، آءِ ٽي بابت وفاقي سيڪريٽري شعيب صديقي ۽ ٻين خاص مهمان طور شرڪت ڪئي.
تقريب ۾ 5 جي ٽيڪنالوجي تي بريفنگ ڏني وئي، جڏهن ته رموٽ سرجري، ڪلائوڊ گيمنگ ۽ فائيو جي ٽيڪنالوجي ايپليڪيشن جو جائزو ورتو ويو.