افغان صورتحال تي وزيراعظم پاران سڀاڻي قومي سلامتي ڪائونسل جو اجلاس طلب

اسلام آباد: افغانستان جي صورتحال کي ڏسندي پاڪستان اهم فيصلو ڪري ورتو.افغانستان ۾ طالبان جي تيزيءَ سان اڳڀرائي جاري آهي ۽ طالبان ملڪي تخت گاهه ڪابل جو گهيرو ڪري ورتو آهي. افغان گهرو وزارت به ان حوالي سان تصديق ڪئي آهي ته طالبان سڀني پاسن کان ڪابل ۾ داخل ٿي رهيا آهن ۽ اهڙي صورتحال ۾ پاڪستان طرفان اهم فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان سڀاڻي قومي سلامتي ڪائونسل جو اجلاس طلب ڪري ورتو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ وفاقي وزيرن سميت عسڪري اختياريون به شرڪت ڪنديون، جنهن دوران افغانستان جي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويندو.