انساني حقن بابت قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ دودو ڀيل قتل ڪيس جو جائزو

اسلام آباد: انساني حقن بابت قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ دودو ڀيل قتل ڪيس جو جائزو، سنڌ پوليس ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي چيو آهي ته دودو ڀيل جي پوسٽ مارٽم رپورٽ اچي وئي آهي، رپورٽ ۾ سندس موت تشدد سبب ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي، دودو ڀيل جي مائٽ لجپت ڀيل ڪميٽي آڏو بيان رڪارڊ ڪرائيندي چيو ته ٿر ڪول بلاڪ 2 ۾ ٿيل چوري ۾ پوليس ملوث آهي، مقامي اڳواڻ مهيش ملاڻي به واقعي ۾ ملوث آهي، ايم اين اي شازيا مري چيو ته مهيش ملاڻي جو نالو نه کڻو، هو ايم اين اي آهي ۽ توهان مٿس غلط الزام لڳائي رهيا آهيو، توهان دودو ڀيل جا مائٽ نه پر پي ٽي آءِ جا ڪارڪن آهيو.