وزيراعظم جو هڪ ڀيرو ٻيهر افغان مسئلي جي سياسي حل تي زور

اسلام آباد؛ وزيراعظم عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر چيو آهي ته افغانستان ۾ ڳالهيون ۽ سياسي حل ئي اڳتي وڌڻ جو اڪيلو رستو آهي.اهڙن خيالن جو اظهار هن ترڪي جي بچاءَ واري وزير سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات دوران وزيراعظم ٻنهي ملڪن ۾ دفاعي سهڪار تي اطمينان جو اظهار ڪيو، جڏهن ته علائقائي مسئلن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.وزيراعظم ترڪي ۾ ٻيلن ۾ باهه جي واقعي تي به ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ۽ ترڪي سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته آفت کي منهن ڏيڻ خاطر هر ممڪن سهڪار لاءِ تيار آهيون.هن وڌيڪ چيو ته افغانستان ۾ ڳالهيون ۽ سياسي حل ئي اڳتي وڌڻ جو اڪيلو رستو آهي، اميد ته افغان اڳواڻ اڳتي وڌڻ لاءِ هم آهنگي جي اهميت کي تسليم ڪندا، پاڪستان افغان امن عمل کي اڳتي وڌائڻ ۽ سياسي حل لاءِ هر ممڪن ڪوشش جاري رکندو.