آمريڪا جو عراق ۾ جنگي آپريشن ختم ڪرڻ جو اعلان

واشنگٽن : آمريڪي صدر جو بائيڊن عراق ۾ جنگي آپريشن ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
جو بائيڊن عراقي وزيراعظم مصطفيٰ الڪاظمي سان وائيٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي ۽ چيو ته عراق سان لاڳاپا نئين مرحلي ۾ داخل ٿي رهيا آهن، آمريڪا ۽ عراق وچ ۾ سيڪيورٽي سهڪار جاري رهندو.
هن چيو ته داعش کي منهن ڏيڻ لاءِ عراقي فوج جي تربيت ۽ مدد جاري رکنداسين، عراق ۾ هن سال جي آخر تائين ڪو جنگي آپريشن نه ڪنداسين.
سندس چوڻ هو ته آمريڪا ۽ عراق وچ ۾ اسٽريٽيجڪ ڀائيواري آهي ۽ آمريڪا عراق جي مدد ڪئي، هاڻ اسان گڏجي داعش ۽ وڙهنداسين ۽ ان کي شڪست ڏينداسين.
ان موقعي تي عراقي وزيراعظم چيو ته اڄ اسان جا آمريڪا سان لاڳاپا اڳ کان وڌيڪ مضبوط آهن.