افغانستان ۾ شهرين جي مارجڻ جي شرح 47 سيڪڙو تائين وڌي وئي

نيو يارڪ: گڏيل قومن جي هڪ رپورٽ ۾ افغانستان ۾ شهرين جي مارجڻ جي شرح ۾ 47 سيڪڙو واڌ جو انڪشاف ٿيو آهي.
هلندڙ سال جي پهرين 6 مهينن دوران افغانستان ۾ جاري پرتشدد ڪارروائين ۾ مارجي ويلن ۽ زخمي ٿيندڙ شهرين جي شرح گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ان ئي عرصي دوران 47 سيڪڙو وڌي وئي آهي.
جاري ڪيل هڪ رپورٽ موجب جنوري کان جون تائين 1659 افغان شهري مارجي ويا ۽ 3254 زخمي ٿيا.
افغانستان مان پرڏيهي فوجن جي نڪرڻ جو عمل مئي ۾ شروع ٿيو ۽ تڏهن کان جون تائين 783 سويلين مارجي ويا ۽ 1609 زخمي ٿيا.
گڏيل قومن خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن پرتشدد ڪارروائيون جاري رهيون ته 2021 افغان تڪرار جو سڀ کان رتوڇاڻ وارو سال ثابت ٿي سگهي ٿو.