”پاڪستان ڪين سائنو ويڪسين جي ڪلينڪل ٽرائل مان هڪ ڪروڙ ڊالر ڪمايا“

ڪراچي: صحت واري قومي اداري جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر ميجر جنرل عامر اڪرام چيو آهي ته پاڪستان چيني ويڪسين ڪين سائنو جي فيز ٿري ڪلينڪل ٽرائل مان هڪ ڪروڙ ڊالر ڪمايا.
ڪراچي ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ميجر جنرل عامر اڪرام جو چوڻ هو ته ڪيترائي ملڪ پنهنجي ويڪسين جي فيز ٿري جو ڪلينڪل ٽرائل پاڪستان ۾ ڪرڻ چاهن ٿا.
صحت واري قومي اداري جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر جو چوڻ هو ته تجربا ٿيڻ سان پاڪستان کي ڪروڙين ڊالر جي آمدني ٿي سگهي ٿي.