ايف آءِ اي حمزه شهباز کي مني ٽريل سوڌو گهرائي ورتو

لاھور: وفاقي جاچ اداري ( ايف آءِ اي) ن ليگ اڳواڻ حمزه شهباز کي پراپرٽيز جي مني ٽريل سان گڏ طلب ڪري ورتو، ايف آءِ اي مني لانڊرنگ جي جاچ جي لاءِ ليگي اڳواڻ حمزه شهباز کي 30 ڏينهن ۾ پراپرٽيز جي مني ٽريل ڏيڻ جو چيو آهي، نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته حمزه شهباز هلندڙ مهيني جي آخر تائين ايف آءِ اي جي آفيس ۾ پيش ٿئي، مني ٽريل نه ڏيڻ جي صورت ۾ پراپرٽي ضبط ڪئي ويندي، ايف آءِ اي جي نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته حمزه شهباز گاڏيون، بينگ اڪائونٽس، شيئرز، جيولري، ڪيش پرائز بانڊز جا تفصيل به پاڻ سان گڏ کڻي اچي..