ڪراچي سينٽرل جيل ۾ ايم ڪيو ايم لنڊن جو اهم ڏوهاري پراسرار نموني فوت

ڪراچي: سينٽرل جيل ڪراچي ۾ قيد ايم ڪيو ايم لنڊن جو اهم ڏوهاري نعيم پراسرار نموني فوت ٿي ويو. جيل ذريعن جو چوڻ هي ته صبح 5 وڳي اوچتو جوابدار جي طبيعت خراب ٿي پئي، کيس طبي امداد لاءِ سول اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو، جتي صبح 8 وڳي هو فوت ٿي ويو. 66 ورهين جي ملزم نعيم احمد کي سي ٽي ڊي دهشتگردي ۽ ٻين سنگين ڏوهن جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو هو، ملزم جاڄ دوران اهم انڪشاف ڪيا هئا، جنهن بعد فاروق ستار ۽ انيس ايڊوڪيٽ کي به پڇاڳاڇا لاءِ گهرايو ويو هو، پوليس ذريعن جو چوڻ هو ته جوابدار جي موت جو سبب پوسٽ مارٽم کانپوءِ پتو پوندو.