يورو ڪپ: انگلينڊ جرمني کي ٻاهر ڪري ڪوارٽر فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي

لنڊن: انگلينڊ جي ٽيم يورو فٽبال چيمپيئن شپ جي ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ جرمني کي شڪست ڏئي ٽائيٽل جي ڊوڙ کان ٻاهر ڪري ڇڏيو.
لنڊن جي ويمبلي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ انگلينڊ 0-2 تان ڪاميابي ماڻيندي ڪوارٽر فائنل مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو، فاتح ٽيم طرفان پهريون گول راحيم اسٽيرلنگ ۽ ٻيو گول هيري ڪين ڪيو.
انگلينڊ جو ڪوارٽر فائنل ۾ مقابلو يوڪرائن سان ٿيندو، جنهن گذريل ڏينهن سوئيڊن کي شڪست ڏئي سپر 8 ۾ جاءِ ٺاهي هئي.
ڪوارٽر فائنل مرحلي ۾ انگلينڊ جي ٽيم اٽلي، جمهوريا چيڪ جي ٽيم ڊنمارڪ، جڏهن ته سوئٽزرلينڊ جي ٽيم اسپين سان مهاڏو اٽڪائيندي.