سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي قافلي جي گولاڙچي ۾ زبردست آجيان

گولاڙچي : بحريا ٽائون خلاف سنڌ ايڪشن ڪميٽي جو جاڳرتا مھم قافلو سجاول کان گولاڙچي پھتو، ايس يو پي ، ايس ٽي پي ، جسقم، عوامي تحريڪ ،قومي عوامي تحريڪ جي سو ين ڪارڪنن سميت مختلف سياسي سماجي ڌرين ۽ ماڻھن ، کورواھ چوڪ، گولاڙچي گئس فيلڊ ۽ گولاڙچي شھر ۾ قومي گيتن تي جھمرين، نعرن ۽ گلن جي ورکا سان ڀرپور آجيان ڪئي. قافلو گولاڙچي شھر ۾ احتجاجي مارچ ۾ تبديل ٿي ويو. بعد ۾ شھيد فاضل راھو چوڪ تي ھڪ وڏي احتجاجي جلسي کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته بحريا ٽائون سميت سنڌ جي زمينن تان قبضا ختم ڪرڻ لاءِ نڪتا آھيون ، رياض چانڊيي چيو ته سنڌ جي عوام جي سھڪار سان سنڌ اسيمبلي آڏو تاريخي ڌرڻو به ھڻنداسين، ۽ جيل ڀريو تحريڪ به ھلائينداسين. جلسي کي وسند ٿري، روشن ٻرڙو، نواز زئور، اسلم خيرپوري، امير آزاد پنهور ، نواز شاھ ڀاڏائي ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ملڪ رياض ۽ زرداري خلاف سنڌ سجاڳ ٿي پئي آھي ، سنڌ جو عوام اسيمبلي آڏو تاريخي ڌرڻو ھڻي ، زمينن تان قبضو ختم ڪرائڻ لاءِ اسان جو ساٿ ڏيندو، احتجاجي جلوس دوران صنعان خان قريشي جي آزادي لاءِ سخت نعريبازي پڻ ڪئي وئي