بيلجيئم ۾ مرمت دوران اسڪول جي عمارت ڪِري پئي، 5 ڄڻا فوت

برسلز : بيلجيئم ۾ مرمت دوران هڪ اسڪول جي عمارت ڪِرڻ جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا.
اهو واقعو اينٽ ويرپ شهر ۾ پيش آيو، جنهن ۾ 9 ڄڻا زخمي پڻ ٿيا، واقعي کانپوءِ امدادي ڪارڪن سڄي رات زخمين کي عمارت جي ملبي مان ڪڍڻ جون ڪوششون ڪندا رهيا.
اختيارين موجب 9 زخمين مان 8 هن وقت اسپتال ۾ علاج هيٺ آهن ۽ انهن مان ٽن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.