مختلف ملڪن ۾ فيس بڪ، انسٽا ۽ ميسنجر جي سروس ڊائون

لنڊن: مختلف ملڪن ۾ سوشل ميڊيا پليٽ فارمز فيس بڪ، انسٽاگرام ۽ ميسنجرز جي سروس اڻچاڻايل طور تي ڊائون ٿي وئي آهي.برطانوي ميڊيا جي رپورٽن موجب ارجنٽينا، يوراگائي، چلي، برازيل ۽ بنگلاديش سميت ڪيترن ئي ملڪن جي صارفين کي فيس بڪ، انسٽا ۽ ميسنجر سروس ۾ پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ويب بيٽا انفو طرفان به ٽوئٽ ذريعي تصديق ڪئي وئي آهي ته انهن کي ارجنٽينا ۽ يوراگائي کان فيس بڪ، انسٽاگرام ۽ ميسنجر سروس ڊائون ٿيڻ جون رپورٽون ملي رهيون آهن.ٻئي طرف ٽوئٽر تي به مختلف صارفين طرفان ٽوئٽ سامهون آيون آهن جنهن ۾ انهن جو چوڻ آهي ته انهن کي سوشل ميڊيا تي فوٽوز ۽ پوسٽ اپ لوڊ ڪرڻ ۾ پريشاني پيش اچي رهي آهي. برطانوي ميڊيا ٻڌايو آهي ته آمريڪا ۽ برطانيه جي صارفين کي به ٽنهي سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي وقفي وقفي سان پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.