اسرائيلي ويڙهاڪ جهازن جي شام مٿان بمباري اٺ اهلڪار مارجي ويا

دمشق: اسرائيلي جنگي جهازن شام ۾ حڪومت جي اتحادي ويڙهاڪن جي ٺڪاڻن تي بمباري ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا مارجي ويا.عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب شام دعويٰ ڪئي آهي ته اسرائيلي ويڙهاڪ جهازن لبنان مان اڏام ڀري ۽ دمشق جي هڪ علائقي مٿان بمباري ڪئي. شامي دفاعي نظام جي وقت تي رد عمل سبب اسرائيلي جهاز پوئتي هٽڻ تي مجبور ٿيا. شام طرفان اسرائيلي جهازن جي حملي ۾ جاني نقصان بابت ڪجهه به ناهي ٻڌايو ويو پر شام ۾ انساني حقن جي نگراني ڪندڙ اداري دعويٰ ڪئي آهي ته اسرائيلي حملي ۾ حڪومتي حمايته يافته 8 ويڙهاڪ مارجي ويا.شامي آبزرويٽري فار هيومن رائٽس جي ترجمان جو چوڻ هو ته اسرائيلي بمباري ۾ مارجي ويلن ۾ شامي فوج جا 3 اهلڪار ۽ حڪومتي حمايت يافته ويڙهاڪ تنظيم جا 5 ويڙهاڪ شامل آهن. اسرائيل طرفان ان حملي جي باري ۾ ڪوبه تبصرو سامهون ناهي آيو پر اسرائيلي جهاز شام مٿان ڪيترائي حملا ڪري چڪا آهن جنهن جي لاءِ هو لبنان جو هوائي اڏو استعمال ڪندا آهن.